اسلام آباد: (بيورو) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سنڌ ڪرپٽ صوبو آهي جتي بجيٽ جو هڪ روپيو به عوام مٿان خرچ نٿو ڪيو وڃي.سڄي ملڪ ۾ پوليس جي نظام کي ناڪام قرار ڏيندي جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ملڪ ۾ پوليس جي نالي ڪابه شيءَ ناهي، گهڻي قدر پوليس اهلڪار رات جو ڌاڙا هڻن ٿا، سرڪاري آفيسر آفيسن ۾ ويهي حرام کائي رهيا آهن، ماڻهو ڳلا وڍي رهيا آهن، پوليس ڪٿي آهي، سنڌ سڄي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ صوبو آهي؟ جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ پنجاب جي ٽريفڪ وارڊن جي پگهارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري ۽ آءِ جي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سموري ملڪ ۾ پوليس جو نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ پوليس نالي ڪابه شيءَ ناهي. هن چيو ته پوليس آخر اهڙو ڇا ڪري رهي آهي جو پگهار وڌائي وڃي، وڏي پگهار وٺي به ٻه نمبري ڪئي ويندي آهي، سرڪاري آفيسر آفيسن ۾ ويهي حرام کائي رهيا آهن، هنن کي رڳو ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته الائونس ڪيئن وڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته سڀ نه پر گهڻي قدر پوليس اهلڪار رات جو ڊيوٽي ڪن ٿا، وارداتون ٿي رهيون آهن، ماڻهو ڳلا وڍي رهيا آهن پوليس ڪٿي آهي، پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري کي خبر ئي ناهي ته سندس ڪم ڪهڙو آهي، پوليس ۽ سرڪاري آفيسر پگهار الڳ کڻن ٿا، عوام کان پئسو الڳ وٺن ٿا. پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري چيو ته منجمد ٿيل اضافي بنيادي پگهار بحال ڪري رهيا آهيون، منجمد ڊيلي الائونس بحال ٿيندو اضافي بنيادي پگهار نه، ٽريفڪ وارڊن جي وڪيل چيو ته پگهار بحال ٿي وڃي ته مسئلو ئي ختم ٿي ويندو.جسٽس گلزار احمد پنهنجي بيان تان ڦرڻ تي ناڻي واري سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنجيدگي جو اهو عالم آهي ته بيٺي بيٺي ڳالهه تان ڦري ويا آهيو، سموري پنجاب جو ناڻو توهان جي هٿ ۾ آهي ۽ توهان کي ڪم جي خبر ئي ناهي. سکر پريس ڪلب جي عمارت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد چيو ته سنڌ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ صوبو آهي.هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي آئوٽ بريڪ آهي، جلد سڄي ملڪ ۾ موذي مرض پکڙجي ويندو. سندس چوڻ هو ته سکر جي ميئر گرم شهر ۾ گهڙ ماڙ عمارتن جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته نيڪال نظام جو ڪو به بندوبست ناهي. شهر ۾ بجلي آهي نه پاڻي جڏهن ته سکر گرم ترين شهر آهي اتي جا ماڻهو بجلي کان سواءِ ڪيئن زندگي گذاري رهيا هوندا. جسٽس گلزار احمد چيو ته گرم شهرن ۾ گهڻ منزله عمارتون نٿيون ٺهي سگهن.پارڪن ۾ ڪوبه بزنس يا ڪاروبار نه هلڻ ڏينداسين. اسان کي پارڪ هر صورت ۾ خالي گهرجن. ڪراچي ۾ به اسان ايدهي ۽ چهيپا جي ايمبولينسن کي به پارڪن تان هٽائي ڇڏيو. پهريان ڪراچي کي منهن ڏئي وٺون پوءِ سکر جي طرف اينداسين. ميڊيا عوام جي خبر لڳائيندي آهي ته سندن اشتهار بند ڪيا ويندا آهن. هاڻ ته صحافي به عوام جي مسئلن جون خبرون نٿا لڳائين. عوام کي بنيادي سهوليتون نه مليون ته هو پرتشدد مظاهرن تي مجبور ٿي ويندا آهن.سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته سکر پريس ڪلب کي شهر جي وچ ۾ ئي جڳهه ڏني وڃي. پريس ڪلب انتظاميه ۽ ڪمشنر سکر هڪ هفتي ۾ نعم البدل جڳهه جي چونڊ ڪن. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.