سنڌ ماٿريءَ جي عظيم ثقافت جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر )تعصب ۽ نفرت کان مٿانهين سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو ايڪتا جي لڙيءَ ۾ پوئجي ويا، ڌرتي سان محبت جو عظيم اظهار، ڪروڙين سنڌ واسين جي ”ايڪتا“ ڀٽائيم سچل، سامي، قلندر، شهيد شاهه عنايت، مخدوم بلاول، دريا خان، هوشو جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو،سنڌي ميڊيا جي سڏ تي سموري سنڌ ايڪتا جو ڏهاڙو قومي عيد جيان ملهايو، عظيم تهذيب ۽ تاريخ جا وارث سنڌي هڪ ٿي ويا، هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون، اتر کان لاڙ، ڪينجهر کان ڪاڇي، صحرا کان سمنڊ تائين سموري سنڌ ايڪتا جي رنگ ۾ رڱجي وئي، وک وک تي عاليشان ريليون، ثقافتي ويسن ۽ وگن ۾ سنڌ واسين جو حسين جشن، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو،ڪراچي ۾ سڀ کان وڏو ايڪتا جشن پريس ڪلب آڏو ٿيو، عوامي سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو، فنڪارن جي سر ورکا تي عورتون، ٻارڙا، ٻڍڙا توڙي جوان جهومي پيا:تفصيل موجب سنڌو ماٿريءَ جي هزارين سال قديم تهذيب جي عظيم ثقافت جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ٿرپارڪر، ڪشمور، نوشهري فيروز، سانگهڙ، بدين، ٺٽي سميت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته اسڪولن ۽ ٻين هنڌن تي تقريبون ڪوٺائي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي موهن جي دڙي، ڪينجهر، ڪارونجهر ۽ ٻين تفريحي ماڳن تي پڻ ماڻهن جي رش متل رهي، ماڻهو گيتن تي جهمريون هڻي پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪندا رهيا. گهٽي گهٽي ۾ ثقافتي  ڏهاڙي جي تقريبن جو انتظام ڪيو ويو آ. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب رٿي وئي جتي احمد مغل، سانول مارول ۽ ٻيا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ثقافتي ڏهاڙي تي شام جو وري مچ ڪچهرين سميت ٻين تقريبن جو انتظام ڪيو ويو .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *