سنڌ ليگل ايڊوائزري ڪال سينٽر عوام لاءِ سنڌ حڪومت جو تحفو؛ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(هه آ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان جي عوام لاءِ صحت جي سهولتن لاءِ اين آئي سي وي ڊي کي هڪ ماڊل ادارو بڻائي ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران ڪمزور ۽ بي سهارا ماڻهن کي قانوني مدد لاءِ سنڌ ليگل ايڊوائزري ڪال سينٽر جو قيام عمل هيٺ آندو ويندو جيڪو ملڪ جي عوام لاءِ سنڌ حڪومت پاران هڪ تحفو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ليگل ايڊوائزري ڪال سينٽر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري قانون بشارت احمد پڻ موجود هو. هن ٻڌايو ته پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ جي تحت سنڌ ليگل ايڊوائزري ڪال سينٽر پنهنجي ڪم جو آغاز جولائي 2018 ۾ ڪيو هو هن وقت ڪال سينٽر ۾ 15 جون 2019 تائين 29934 ڪالز موصول ڪيون ويون هيون جيڪي 450 کان وڌيڪ شهرن ٽائونز ۽ ٻهراڙي مان ڪيون ويون هن ٻڌايو ته ڪال سينٽر سان رابطو ڪرڻ وارن مان 22795 مرد 5199 عورتون ۽ 7 خواجه سرا شامل هيا جنهن جو وڌيڪ تعلق ڪراچي حيدرآباد لاڙڪاڻو سکر ۽ شهيد بينظيرآباد مان هيو اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته سموري ملڪ مان شهري هيلپ لائن 080070806 تي ڪال ڪري ڪنهن به معاملي تي قانوني مشورو حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ’پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ جي تحت اهڙي طرح جا مشوري وارا ادارا عوام لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن جرم، گهريلو مارڪٽ ۽ ٻئي ڳڻتي جوڳي واري صورتحال ۾ ليگل ايڊ ڪال سينٽر متاثر فرد جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل سرڪاري کاتن خاص ڪري پوليس سان رابطو ڪندو آهي ان کان علاوه مسئلا، پبلڪ سروس، نادرا، زڪوات عشر ۽ عام معلومات لاءِ ان ڪال سينٽر ۾ تربيت وارو عملو ڪال ميسيج وصول ڪري ان مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي صوبائي صلاحڪار جي دوري واري موقعي تي لاڳاپيل عملدار هن کي ڪال سينٽر جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت جي باري ۾ آگاهي ڏني صوبائي صلاحڪار کي ٻڌايو ويو ته ڪال سينٽر ۾ اعليٰ عدالتن جي 24 ماهر وڪيلن جي ٽيم شهرين جي مسئلن کي قانوني طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين موجود رهندي آهي جنهن کانپوءِ ڪال پاڻ ريڪارڊنگ ذريعي فون يا ميسيج ذريعي لاڳاپيل فرد سان رابطو ڪيو ويندو آهي ۽ ان سمورين ڪالن جو ريڪارڊ هڪ سال تائين محفوط رکيو ويندو آهي صوبائي صلاحڪار کي ٻڌايو ويو ته پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙهائڻ واري استادن جي گهٽ پگهارن جي قانوني طريقي سان آگاهي فراهم ڪئي وئي جنهن کانپوءِ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سمورن پرائيوٽ اسڪول جي استادن جي پگهارن ۾ حڪومتي قانون جي تحت اضافو ڪيو ويو ان کان علاوه ٻاهرين ملڪ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ وارن ماڻهن جا مسئلا گهريلو مارڪٽ جي واقعن جي خاتمي لاءِ ڪال سينٽر ۾ ماهر وڪيلن لاڳاپيل سفارت خانن سان رابطو ڪيو ۽ ملڪي قانون مطابق ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ خاطر خواه مدد ڪئي صوبائي صلاحڪار کي ٻڌايو ويو ته اهو ڪال سينٽر سموري پاڪستان مان ڪالون موصول ڪندو آهي پر عوامي آگاهي نه هجڻ سبب خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ بلوچستان مان ڪال اچڻ جو تناسب گهٽ آهي.                                                                                ھينڊآئوٽ نمبر 437

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *