سنڌ عوامي پارٽي پاران سنڌ ورهائڻ واري گورنر کي سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائڻ جي گهري سازش قرار

ڪراچي/ڏهرڪي (پ ر/وجي ڪمار ) سنڌ عوامي پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو. سجاد مصطفي ڏيرو. ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ. خادم منگي. الطاف مهر. ظفر بنگلاڻي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي گورنر پاران سنڌ ورهائڻ واري گهر کي سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائڻ جي گهري سازش قرار ڏيندي چيو ته اسماعيل احسان فوموش ٿي سنڌ جي وحدت خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آھي. سنڌ ڪو بمبئي بيڪري جو ڪيڪ ناهي اج انکي ورهائجي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ صدين کان صدين جو وطن آھي. سنڌين هميشه سنڌ تي حملي جي ڪوشش ڪندڙن کي شڪست ڏني آھي.هنن چيو ته اسمائيل ڇو وساري ويٺو آھي ته هو ورهاڳي وقت پير اگهاڙي سنڌ آيا هيا.اسان جي بزرگن انهن کي جيُ ۾ جايون ڏنيون اڄ اسمائيل احسان فروموش ٿي سنڌ ورهائڻ جي گهر ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته گورنر سنڌ جي سنڌ ورهائڻ واري گهر مان واضع ٿي ويو آھي ته تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن جيڪي بيروني قوتن جي اشاري تي صوفين جي سرزمين سنڌ ۾ لسانيت ڦهلائي پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آھن.هنن چيو ته اسين اڄ به اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي ڀاءُ سمجهون ٿا. اسان ڪڏھن به لسانيت جي بنيادن تي سياست ناهي ڪئي. اردو ڳالهائيندڙن جي نه پر لسانيت ڦھلائيندڙ سوڇ جي خلاف آھيون.هنن چيو ته اسين سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي اپيل ڪريون ٿا اهي لساني سوچ رکندڙ الطاف جي باقيات اسمائيل جي بيان کان لاتعلقي جو اعلان ڪري سنڌ سان وفادار هئڻ جو ثبوت ڏين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *