ڄامشورو ( ڊر) سنڌ عظيم صوفي بزرگ اوليا حضرت قلندر لعل شھباز جو 765 ھون عرس مبارڪ اڄ کان سيوهڻ ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ٽن ڏينھن لاءِ شروع ٿيندڙ عرس جي تقريبن جو افتتاح سنڌ جي گورنر جي غير موجودگي سبب اوقاف کاتي جو صوبا ئي صلاحڪار سيد غلام شاھ جيلاني قلندر جي درگاھ تي چادر چاڙھي ڪندو، سڄي ملڪ جي چئيني صوبن پنجاب ڪي پي ڪي بلوچستال گل گت بلتسان ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پوڙھا پڪا مرد توڙي عورتون ۽ ٻارڙا لکن جي تعداد ۾ بسن ٽرڪن ڪار گاڏين ۽ ريل گاڏين ذريعي قافلن جي سورت ۾ پھچي ويا آھن، قلندر لعل جي درگاھ تي چادرون چاڙھي پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪندي مست قلندر جي ڌمالن تي رقص ڪري رھيا آھن ۽ بم ڌما ڪي جي شھيدن کي پڻ ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي جڏھن ته شھباز ميلا ڪاميٽي پاران ميلي جا انتظام مڪمل ڪرڻ جي دعوا ڪئي پئي وڃي چئير مين ميلا ڪاميٽي منور علي مھيسر ٻڌايو ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيند چيو ته زائرين جي سھولت لاءِ شھر ۾ 100ٿڌي پاڻي جون سبيلون ۽ چار لک منرل واٽر جون بوتلون پڻ مفت زائرين ۾ ورھايون وينديو گر مي کان بچڻ لاءِ ھيٽ اسٽروڪ سينٽر ۽ پاڻي جا شاور لڳايا ويا آھن ڏھن شھر جي مختلف ھنڌن تي صحت کاتي پاران 50 ميڊيڪل ڪيئنمپون قائم ڪيون ويو آھن ھو ڏانھن پوليس انتظا ميه پاران پڻ سيڪورٽي جا انتظام انتھا ئي سخت ڪندي شھر کي 8 زونن ۾ ورھايو ويو آھي جنھن ۾ 8ايس ايس پي 40 ڊي ايس پي ۽ 4500پوليس جا اھلڪار جڏھن ته 100رينجرس جا جوان ۽ 400اسپيشل برانچ جا اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن ان کان علاوه بم ڊسپوزل عملو پڻ موجود ھوندو قلندر جي ميلي جي پھرين ڌمال تي شام جي وقت سنڌ جي ثقافت ملاکڙو ٿيندو جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا ملھ پھلوان زور آزما ئي جو مقابلو ڪندا جڏھن ته رات جي وقت شھباز آڊيو ٽوريم ھال ۾ سگھڙن جي ڪچھري جي تقريب منقعد ڪئي ويندي جنھن ۾ پڻ سنڌ جا نالي وارا سگھڙ شرڪت ڪندا ان موقع تي راڳ رنگ جي محفل پڻ مچا ئي ويندي جنھن ۾ نالي واري فنڪاره صنم ماروي شمن علي ميرالي سميت ٻيا فنڪار فن جو مظاھرو ڪندا، سيوھڻ ٻئي پاسي بجلي جي اڻ علانيل لوڊشيڊنگ زائرين توڙي شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي بجلي نه ھجڻ ڪري سخت گرمي ۾ ڪراچي واسي ھڪ عورت مسمات بيگم بلوچ فوت ٿي وئي جنھنجو مڙھ وارسن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته ڊيوٽي تي آيل ھڪ پوليس اھلڪار سميت 50کان وڌيڪ زائرين مرد توڙي عورتون ۽ ٻارڙا گرمي سبب بيھوش ٿي ويا آھن جن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آھي .