سنڌ سيڪريٽريٽ جي سيڪيورٽي لاءِ لڳل ڪيتريون ئي ڪميرائون خراب ويون

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ سيڪريٽريٽ لاءِ لڳل ڪيتريون ئي ڪيميرائون خراب ٿي ويون آهن، ڪروڙين رپين جي لاڳت سان لڳل سيڪيورٽي سسٽم گهڻي وقت کان غير فعال آهي، ذريعن موجب سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لڳل 42 ڪيمرائن مان 36 خراب آهن، اهي ڪيمرائون سيڪريٽريٽ جي 3 عمارتن ۾ لڳايون ويون هيون جن مان 2 عمارتن جو رابطو ڪنٽرول روم سان ڪٽيل آهي، اين اين آءِ کي مليل ڄاڻ موجب صرف نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لڳل 6 ڪيميرائون ڪم ڪري رهيون آهن، عمارت جي ٻاهرين سيڪيورٽي لاءِ لڳل سموريون ڪيميرائون خراب آهن، ذريعن موجب لکين رپين جون ڪيميرائون غائب ڪيون ويون آهن، ڪيميرائن جي مرمت جي مد ۾ ساليانو هڪ ڪروڙ رپيا رکيا وڃن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *