ڪراچي (م ڊ): سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گرمي جو زور برقرار، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جو عذاب به گهٽ نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب پاڻي بحران به شدت اختيار ڪري ويو آهي، سج جي باهه سبب پاري 50 کان ٽپي ويو آهي، ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ سج باهه جا گولا اڇلائي رهيو آهي، جنهن سبب گرمي جو آزار وڌي ويو آهي، ساهه ٻوساٽڻ جهڙي گرمي سبب سان گڏ لوڊشيڊنگ جو آزار به چوٽ چڙهي ويو آهي، سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ مٿان پاڻي جي بحران به عوام جا اهنج ٻيٺا ڪري ڇڏيا آهن، اڪثر علائقن ۾ 20 ڪلاڪن کان وڌيڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، دادو ۾ پارو 53 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 52 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، سکر ۾ 47، نوابشاهه ۾ 46 ۽ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 38 سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾سخت گرمي جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، موسميات کاتي شهرين کي غير ضروري طور ٻاهر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.