اسلام آباد(بيورو)هندو برادري پوري ملڪ ۾ پنهنجو مذهبي تهوار ڏياري جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. وزير اعظم عمران خان هندو برادري کي ڏياري جي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هندون جي مذهبي تهوار ڏياري جي موقعي تي مختلف پارٽين جي اڳواڻڻ طرفان به مبارڪباد جان پيغام ڏنا پيا وڃن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هندو برادري کي ڏياري جي مبارڪباد ڏني، پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ديوالي ملهائڻ وارا شهري ان موقعي تي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي خصوصي دعائون گهرن. پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڏياري کي برائي تي سٺائي ۽ اونداهي تي روشني جي فتح جي طور ملهايو ويندو آهي، پيپلز پارٽي جو فلسفه به اونداهين، ناانصافين خلاف وڙهڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آباد تمام غير مسلمانن کي يقين ڏياران ٿو ته ان جو مڪمل تحفظ ڪنداسين. پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي هندو برادري سان گڏ ڏياري ملهائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف به ڏياري جي موقعي تي هندو برادري کي مبارڪباد ڏني. پنهنجي پيغام ۾ ان جو چوڻ هو ته هندو برادري پاڪستان ۾ برابر جي شهري آهن، دين اسلام جي اصولن جي روشني آئين ۾ غير مسلمانن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته غير مسلمانن پاڪستان جي قيام، دفاع تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. مسلم ليگ(ن) غير مسلمانن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.