سنڌ سرڪار ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ پراپرٽي ٽيڪس جو منصوبو جلد شروع ڪرڻ تي اتفاق

December 12, 2024 at 7:36 pm

سنڌ سرڪار ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ پراپرٽي ٽيڪس جو منصوبو جلد شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته پراپرٽي سروس جو ڪم ايندڙ سال ڊسمبر مهيني ۾ شروع ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت ورلڊ بئنڪ سان مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سرڪار جو ورلڊ بئنڪ سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪلڪ پراجيڪٽ تحت ڪراچي ۾ شهري خدمتن ۽ ڪاروبار سهولت کي بهتر ڪرڻ آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪلڪ 230 ملين ڊالرن جو منصوبو آهي جيڪو مئي  2026ع  ۾ ختم ٿيندو.

هن چيو ته ڪلڪ 230 ملين ڊالرن جو منصوبو آهي جنهن ۾ اڃا تائين  120 ملين ڊالر جاري ٿي چڪا آهن.

سندس چوڻ هو ته مختلف ٽائونن ۾ پنجڪن عوامي هنڌن کي ترقي ڏني وئي آهي،  ٽن وڌيڪ عوامي هنڌن جي ڊولپمينٽ ڊاڪيومينٽيشن قطعي مرحلي ۾ داخل آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ پراپرٽي سروي جي ڪم جا واڪ کوليا ويا آهن،  پراپرٽي سروي جو ڪم ڊسمبر جي آخر تائين شروع ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ پراپرٽي ٽيڪس سروس پروگرام جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

اي پيپر