ڪراچي( م ڊ ) سنڌ سرڪار هڪ دفعو ٻيهر گهرو وزارت جو قلمدان سهيل انور سيال حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪيترن ئي وزيرن جا قلمدان پڻ تبديل ڪيا ويا آهن. سنڌ سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سهيل انور کي گهرو وزارت کانسواءِ آبپاسي ۽ معدنيات کاتي وارو قلمدان پڻ ڏنو ويو آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر حسين شاهه کي اطلاعات کاتي وارو قلمدان ڏيڻ جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. صحت واري وزير سڪندر مينڌري کي عشر زڪوات ۽ مذهبي معاملن جو قلمدان ڏنو ويو آهي.