” سنڌ سرڪار ڪم نه ٿي ڪري“ سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچيءَ ۾ کوٽائي تي  ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ بنا ڪنهن ترتيب جي کوٽائي ڪرڻ تي سنڌ سرڪار ۽ ڊي ايڇ اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.  سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ڊي ايڇ اي سميت مختلف علائقن ۾ اجائي کوٽائي ڪرڻ تي سنڌ سرڪار ۽ ڊي ايڇ اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورو شهر گند جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، ڪراچي جو ڇا ٿيندو، ڇا هر وقت کوٽيل رهندو، ڪڏهن اهڙو به وقت ايندو ته ڪراچيءَ جا ماڻهو سولائي سان سفر ڪري سگهندا، ڪڏهن ڪنهن ڪرنل، برگيڊيئر کي خواب ايندو ته معاملو ٺيڪ ٿي ويندو. جسٽس سجاد علي پڇاڻو ڪيو ته ڇا گذري فلائي اوور جو فائدو ٿيو، پنجاب چورنگي انڊر پاس سنڌ سرڪار جو منصوبو هوندو تنهن ڪري دير ٿي رهي آهي، ڊي ايڇ اي ابتو سبتو ڪندو آهي پر ڪم جلدي ختم ڪندو آهي پر سنڌ سرڪار تي ڪم ئي نه ٿي ڪري نتيجو ڪهڙو نڪرندو، ڏيڍ سال ته ٿي ويو آهي، هر هنڌ کوٽائي سبب هيڏانهن هوڏانهن گهمڻو پوندو آهي، جڏهن ته پنجاب چورنگي جي پارڪ گند جو ڍير بڻيل آهي، عدالت خيابان شمشير کي ون وي ڪرڻ جو معاملو الڳ ڪندي ٽه رڪني بئنچ کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *