سنڌ سرڪار پاران سال 19-2018 ۾ به صوبي کي نوڪرين ۾ نظر اندازڪرڻ تي وفاق آڏو احتجاج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار پاران سال 19-2018 ۾ به صوبي کي نوڪرين ۾ نظر اندازڪرڻ تي وفاق آڏو احتجاج جو فيصلو ڪيو آھي.زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راھو پاليسي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته وفاق ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪيو آھي، وفاق سال 19-2018 ۾ ڪوٽا تحت سنڌ کي 30ھزار نوڪريون گھٽ ڏنيون،پنجاب ۾ 10 ھزار ۽ ڪي پي ۾96ھزاراضافي ڀرتيون ڪيون ويون،وفاق سنڌ ۽ بلو چستان جون نوڪريون به پنجا ب ۽ ڪي پي کي ڏنيون. صوبا ئي وزيرچيو ته پنجاب کي ڪوٽا کان به وڌيڪ 10ھزار نوڪريون ڏنيون ويون،سنڌکي ڪوٽا تحت ھڪ لک 12ھزار 817 نوڪريون ملڻيون ھيون،پر وفاق سنڌ کي 81 ھزار 403 نوڪريون ڏنيون، ڪراچي کي وفاق پوڻن ٻن سالن ۾ اعلانن کان سواء ڪجھ به ناھي ڏنو، وزيراعظم کي ھڪ ٻيو ٽڪو لڳائڻ جي ضرورت آھي ته جيئن سنڌ جي جوانن کي وفاق ۾ حق ملي سگھي،لڳي ٿو وفاق سنڌ کي ملڪ جوحصو نٿو سمجھي. ھن چيو ته  وفاق 20 سالن ۾ سنڌ کي پرڏ يھي قرضن مان صرف 2 روڊ ٺاھي ڏنا،سڀ کان وڌيڪ روڊن جو ڄار پنجاب ۽ ڪي پي ۾ وڇايو ويو۔

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *