ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار وفاق کان پنجاب مان ايندڙ ڪپهه ۽ زرعي جعلي ٻج جو صوبي ۾ وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ايسوسي ايشن ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي وڌيڪ وفاق کان مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پنجاب کان ايندڙ ڪپهه ۽ زرعي جعلي ٻج جي فروخت روڪي وڃي ۽ ملوث ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،ٻج جي چڪاس، تصديق ۽ برآمد جي منظوري به وفاق ڏيندو آهي، جيڪڏهن وفاق انهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته پوءِ سنڌ حڪومت اسمبلي مان قانونسازي ڪرائي سندن خلاف ڪارروائي ڪندي.هن چيو ته وفاق جي ماتحت زرعي رجسٽرڊ ڪمپنين خلاف صوبائي حڪومت ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي،نيازي سرڪار جعلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته ملڪ ۾ ٽماٽر، ڪڻڪ، ڪپهه ۽ بصرن جو وري ٻيهر ايندڙ سال سنگين بحران پيدا ٿي سگهي ٿو،هن وقت به جعلي ڪپهه ۽ زرعي جعلي ٻج پنجاب مان سنڌ ۾ اچي رهيو آهي انهن جي چڪاس ڪرڻ به وفاق جو ڪم آهي. اسماعيل راهو چيو ته جيڪا حڪومت ڏيڍهه سال ۾ زراعت لاءِ ڪوبه مڪينزم ناهي بڻائي سگهي اها ملڪ ڪيئن هلائي سگهندي، وفاق کي زرعي شعبي تي ڌيان ۽ آبادگارن کي رليف ڏيڻ گهرجي.اجلاس ۾ آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ايسوسي ايشن جي چيئرمين ڊاڪٽر امان الله قاسم مڇير چيو ته پنجاب مان ڪپهه ۽ جعلي زرعي ٻج تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته سنڌ جي زراعت تي اثر پئجي سگهي ٿو، هن چيو ته وفاقي اجلاسن ۾ به انهن خلاف آواز اٿاربو.اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت عبدالرحيم سومرو، ڊي جي زراعت هدايت الله ڇڄڙو، ڊي جي ريسرچ نورمحمد بلوچ ۽ ٻيا شريڪ هئا.