سنڌ سرڪار نئين آءِ جي لاءِ نوان نالا ڏيڻ ۽ گورنر سان مشورو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جاب فيئر جو انعقاد مستحسن قدم آهي. هن جاب فيئر جو مقصد جامعات ۽ ڪارپوريٽ انڊسٽريز جي وچ تعلق کي هٿي وٺرائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقراءَ يونيورسٽي جي پاران ايڪسپو ۾ جاب فيئر جو معائنو ڪندي ڪيو. ايڪسپو ۾ مختلف ڪمپنين پاران ٽي سئو کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا هئا جنهن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن. جاب فيئر ۾ مختلف ڪمپنين پاران چار هزار نوڪريون فراهم ڪيون وينديون ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽيز جي پاران هر سال جاب فيئر جو انعقاد سٺو عمل ۽ روايت آهي. هتي گريجوئيٽ نوجوانن کي ملازمت جي آفر ڏني پئي وڃي. ٻئي پاسي صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آئي جي سنڌ جي تبديلي لاءِ سومر تائين مسئلو حل ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو ليڪن لڳي ٿو ته وفاقي ڪابينا پنهنجي ئي وزيراعظم کي شرمنده ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي اسان کي آئي جي سنڌ جي مقرري لاءِ گورنر سان مشوري جو چيو ويو هو جيڪو غير قانوني آهي ۽ آئي جي سنڌ جي مقرري ۾ گورنر جو ڪو ڪردار ناهي ان لاءِ اسان گورنر سان مشورو نه ڪنداسين نئين آئي جي لاءِ اسان پنج نالا ڏنا آهن هاڻي وڌيڪ نالا نٿا ڏئي سگهون. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته 23 ڊسمبر تي آئي جي سنڌ جي تبديلي جي حوالي سان ڪو ڊيڊ لاڪ نه هو پر 28 ڊسمبر تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيو آهي اسان چوندا آهيون ته سنڌ جي نمائندن ۽ چونڊيل حڪومت کي ٻئي درجي جو شهري ٿيڻ جو احساس نه ڪرايو وڃي ٽيهه ڏينهن ٿي ويا آهن اهڙا معاملا ملڪ جي خدمت ناهي موجود آئي جي سنڌ کي هٽائڻ جو سبب ٻڌائي چڪا آهيون وزيراعليٰ سنڌ جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ فيصلو ٿي چڪو هو پر وفاقي ڪابينا پنهنجي ئي وزيراعظم جي ڳالهه کي رد ڪري رهي آهي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ آئي جي کي پنچن منٽن ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته سنڌ ۾ ان حوالي سان تفريق وڌندي پئي وڃي. پوليس آفيسرن جي بدلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ صوبائي وزيرچيو ته عدالتي فيصلن ۾ پسند نه پسند ناهي هوندي ان فيصلي کي قبول ڪرڻو پوندو آهي ان پوليس آفيسرن جي بدلي آئي جي سنڌ جي چوڻ تي ڪئي وئي هاڻي عدالت بدلي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو آهي جيڪو قبول ڪرڻو پوندو. اسان عدالت جي فيصلي جا پاپند آهيون پوليس جي کاتي ۾ بدلي آئي جي سنڌ جي مرضي سان ٿيندي آهي جيڪو ان جو حق آهي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته جامع ڪراچي جي وائس چانسلر جي مقرري ميرٽ تي ٿيندي.     

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *