ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ارسا ۾ ميمبر هٽائڻ کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، پيپلزپارٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته کليل هنڌن تي عيدالفطر ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، جڏهن ته سنڌ پاران ارسا ۾ ميمبر هٽائڻ کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلزپارٽي اڳواڻن سعيد غني، مرتضيٰ وهاب، ناصر شاهه چيو ته ارسا ۾ صوبائي ميمبر هٽائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، وفاق ارسا معاملي ۾ آئين جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ميمبر هٽائڻ لاءِ وفاقي حڪومت پاران مشاورت لازمي آهي، انصاف جي ڳالهه ڪندڙ اڄ قانون جي ڀڃڪڙي ڪن پيا، پيپلزپارٽي اڳواڻن چيو ته وفاق فيصلو واپس نه ورتو ته عدالت وينداسين، ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي دنيا جيان اسان به قدم کنيا، سنڌ ۾ گورنر راڄ جي ماڻهن جي پراڻي خواهش آهي، انهن کي سموريون خاميون سنڌ ۾ ئي نظر اچن ٿيون، رڳو سنڌ ۾ خاميون ڳولڻ ٻٽيو معيار آهي.