سنڌ سرڪار ضمانتن ۽ اسٽي تي هلي رهي آهي: اظهار الحسن

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي حڪومت حملا ڪيا آهن، هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ سرڪار ضمانتن ۽ اسٽي تي هلي رهي آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا اظهار الحسن چيو ته سکر ۽ سيوهڻ ۾ پاڻي ناهي اچي رهيو جڏهن ته وڏو وزير ڪراچي جي فرينڊلي ميچ جو ڪپتان بڻجندو رهندو آهي، سندس گيس جي بندش بابت بيان مناسب نه هو. هن وڌيڪ چيو ته رينجرز اختيارن جي ضرورت سڄي صوبي ۾ آهي، پوليس ۽ آءِ جي سنڌ کي هر ڀيرو تڪراري بڻايو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *