ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سنڌ سرڪار، سمنڊ ۾ وهنجندي ماڻهن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن بعد سمنڊ ۾ وهنجڻ تي 6 مهينن جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪيو ويندو، سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، حڪومت عوام جي جاني نقصان کي نظر ۾ رکندي سندن حفاظت لاءِ ڪراچي جي سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب، سمنڊ ۾ وهنجڻ تي 6 مهينن تائين پابندي هوندي ۽ ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف سڪيشن 188 تحت ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪيو ويندو، نوٽيفڪيشن تحت، سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي اڄ کان لاڳو هوندي، جڏهن ته علائقي جي ايس ايس پي کي پابندي تي عمل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌڻ ۽ لوڊشيڊنگ سبب شهري سمنڊ تي تفريح لاءِ ايندا آهن، جڏهن ته نوجوان وهنجن ننڍي ڪوتاهي سبب جان وڃائي ويهندا آهن، هڪ هفتي دوران سمنڊ ۾ وهنجندي فوت ٿي ويلن جو انگ 13 ٿي ويو آهي.