سنڌ سرڪار ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( بيورو )  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار کي بجلي جي بقايا ختم ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي پر لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اسلام آباد ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بجلي جي بقايا ۽ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار بجلي جي سموري بقايا ادا ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لوڊشيڊنگ افسوس جوڳو عمل آهي. سندس چوڻ هو ته رمضان المبارڪ اچي رهيو آهي تنهن ڪري لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته چئن صوبن کي گڏجي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ 3 کان 4 رٿائون شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ سنڌ جي ترقياتي ڪمن تي ڪم تيز ڪرڻ جون ڳالهيون ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته منڇر ڍنڍ ۾ آلودگي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان مان هڪ واهه ڪڍڻو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي شهر کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪلبي بگهاڙ فيڊر جي لائين تعمير ڪرڻي آهي. هن چيو ته ڪي 4 جو فيز ٽو تعمير ڪرڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *