سنڌ سرڪار آدمشماري جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا، اي پي سي گهرائڻ جو اعلان

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ سرڪار آدمشماريءَ کي شروعاتي نتيجن کي رد ڪندي آل پارٽِيز ڪانفرنس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار احمد کهڙي چيو ته آدشماريءَ ۾ ڪراچيءَ جي آبادي ڄاڻي ٻجهي گهٽ ڏيکاري وئي آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر جي آباديءَ کي گهٽ ظاهر ڪرڻ وفاق جي سازش آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ منصوبي تحت سنڌ جي آبادي گهٽ ظاهر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مالياتي ايوارڊ ۾ سنڌ جو حصو نه وڌائڻ لاءِ به آبادي کي گهٽ ظاهر ڪيو  ويو آهي. سينئر وزير چيو ته سنڌ جو مطالبو هو ته گهر گهر شماري جي موقعي تي هر گهر کي فارم جي فوٽو ڪاپي فراهم ڪئي وڃي پر وفاق آدمشماري جي نتيجن کي راز ۾ رکي سنڌ سان سازش ڪئي آهي، آدمشماريءَ ۾ سنڌ جي خدشن کي گهٽ نه ڪيو ويو آهي. نثار احمد کهڙي چيو ته آدمشماري جي نتيجن تي اي پي سي گهرائي ويندي ۽ سنڌ پنهنجي حقن تان هٿ نه کڻندي اسان پنهنجو حق حاصل ڪري دم پٽِينداسين. هن چيو ته صورتحال تي غور ڪرڻ ۽ وڌيڪ حڪمت عملي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان رابطا ڪري جلد اي پي سي گهرائي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *