ڪراچي(م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق جي ٽڪيس اوڳاڙي حدف ۾ ناڪامي جو اثر صوبن تي پوي ٿو، بهتر نموني اوڳاڙي لاءِ اوڳاڙي جو اختيار صوبن کي ڏنو وڃي. آءِ ايم ايف پاڪستان جي نمائندي توخير مرزوئيو وفد سان گڏ وڏي وزير مراد علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ سروسز تي سيلز ٽيڪس اوڳاڙي ڪري رهي آهي ۽ هلندڙ سال اوڳاڙي جو حدف 2 سئو بلين رپيا رکيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال سنڌ روينيو بورڊ 78 بلين ۽ ايڪسائيز کاتي 58 رپين جي اوڳاڙي ڪئي آهي، جڏهن ته طئي ڪيل 2 سئو بلين رپين جو حدف اوڳاڙيو ويندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کان سروسز تي سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙي صوبن کي منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڇو ته صوبا وفاق کان وڌيڪ بهتر نموني ٽيڪس اوڳاڙي ڪري سگهن ٿا. سيد مراد علي شاهه چيو ته ملڪيت تي ٽيڪس ضلعن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ سڌاري سان بهتر اوڳاڙي ٿيندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاق جڏهن پنهنجا حدف پورا ناهي ڪندو ته ڪيش مينجمينٽ ۾ صوبن تي به اثر پوندو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صوبن ۾ مالياتي مينجمينٽ کي بهتر بڻايو ويو آهي.