سنڌ سان زيادتي جو ماتم نه ڪيو وڃي، سنڌ اسان جي به آهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا سمجهي رهي آهي ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڪورونا وائرس سڀ کان وڏو بحران آهي جنهن ۾ وڏيون وڏيون معيشتون ڪِري پيون آهن ۽ اهڙيون ئي حالتن ۾ پاڪستان کي به وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي ۽ مون کي يقيني آهي ته اسان قوم جي حيثيت سان ان کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون.ملڪ ۾ ڪورنا وائرس بابت صورتحال تي گهرايل سينيٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سندس چوڻ هو ته پاليسي جي لحاظ سان ڪو به ڏکيائي ناهي پر پاليسي واضح آهي ۽ حڪمت عملي مرتب ڪئي وئي آهي جنهن کي مرتب ڪرڻ ۾ پاڻ هن جو هٿ آهي، جيتريون پاليسيون هن وقت لاڳو آهن ان ۾ پيپلز پارٽي جو مڪمل اِن پٽ شامل آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڀ کان پهرين سنڌ جي وڏي وزير جو موقعو ڏنو ويندو آهي ۽ وزير اعظم هن جي ڳالهه کي ٻڌندو آهي ۽ نه رڳو ٻڌندو آهي پر هر مثبت شئي کي شامل به ڪندو آهي.پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ان وبا جو حل لاڪ ڊائون آهي، ائين هرگز ناهي ته لاڪ ڊائون حڪمت عملي جو هڪ جزو آهي، ان جو حل ويڪسين آهي جنهن جي لاءِ سڄي دنيا ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ جيستائين اُها سامهون نٿي اچي ان جي خاتمي جا سمورا بندوبست ڪيا ويا آهن.سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم ڪٿي آهي آئون ٻڌايان ٿو وزير اعظم اسلام آباد ۾ آهي ۽ روزاني صبح ۽ شام تائين رڳو ڪورونا وائرس تي اجلاس ڪندو آهي.سندس چوڻ هو ته اسان سياسي ماڻهو آهيو ۽ سياسي ضرورتن کي سمجهون ٿا، ميٽنگ ۾ رويا ڪي ٻيا هوندا آهن پر ڪيمرا جي اک سامهون ايندي آهي ته تيور بدلي ويندا آهن اسان انهن سياسي مجبورين کي سمجهون ٿا ڇو ته اسان به انهيءَ دور مان گذريا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *