سنڌ رينجرز جي گلستان جوهر ۾ ڪارروائي، پاڻ کي آرمي جو ميجر ظاهر ڪندڙ جوابدار گرفتار
October 7, 2017 at 12:58 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) سنڌ رينجرز ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ڪارروائي ڪندي پاڻ کي آرمي جو ميجر ظاهر ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب معمول جي چيڪنگ دوران محمد رفيق نالي شخص کي روڪيو ويو ته ان پاڻ کي ڳجهي ايجنسي جو اهلڪار ميجر علي جي طور تي متعارف ڪرايو، پر هو پاڻ کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن بعد ان جي ڪار جي جهڙتي ورتي وئي ته ان مان هڪ غير قانوني نائن ايم ايم پستول، منشيات ۽ زمينن جا ڪوڙا ڪاغذ هٿ ٿيا، جنهن بعد ان کي فوري طور گرفتار ڪيو ويو. شروعاتي جاچ کان پوءِ انڪشاف ٿيو ته جوابدار نه رڳو ماڻهن کي ڊيڄاري ڌمڪائي انهن کان ڀتو وصول ڪندو هو پر زمينن تي قبضي ۾ به ملوث هو، جاچ دوران جوابدار پنهنجي ٻن ساٿين جا نالا ٻڌايا جنهن بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن غلام فريد ۽ علي حسن نالي جوابدارن کي گرفتار ڪيو.