اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽرانسپورٽ واري وزير سيد اويس شاهه فون تي رابطو ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيب خورشيد شاهه خلاف عدالتن ۾ ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي، سندس ڪٽنب پ پ لاءِ ڏاڍ کي برداشت ڪري رهيو آهي. حڪومت ڪورونا خلاف جنگ تي فوڪس ڪرڻ بدران سياسي مخالفن پٺيان لڳي وئي آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد اويس شاهه وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين اويس شاهه کان سکر ۾ قائم قرنطينا جي صورتحال بابت ڄاڻ ورتي، جنهن وزير کيس ڪيل انتظامن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا جي بچاءُ جي حوالي سان کنيل قدمن ۽ سکر ۾ قرنطينا جي بهتر انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي نظر رکي ڀرپور انتظام ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردااري چيو ته خورشيد شاهه تي لڳايل الزام کل جوڳا آهن، نيب جو ادارو خورشيد شاهه خلاف عدالتن ۾ ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اها عجيب ڳالهه آهي ته حڪومت ڪورونا خلاف جنگ تي فوڪ ڪرڻ بدران سياسي مخالفن جي پٺيان پئجي وئي آهي. هن چيو ته خورشيد شاهه ۽ سندس ڪٽنب هر قسم جي حالتن ۾ پيپلزپارٽي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل رهيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته خورشيد شاهه ۽ سندس ڪٽنب پارٽي لاءِ ڏاڍ کي برداشت ڪيو آهي، سندس جدوجهد کي واکاڻ جوڳي آهي