ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هُو خاص طور تي ٿرپارڪر ۽ ٻين ڏورانهن علائقن ۾ ٻارن جي صحت جي خدمتن جي بهتريءَ لاءِ ڪوشان آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ چائلڊ فائونڊيشن جي هڪ وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڪئي. وڏي وزير چيو ته سندس هر هڪ ٽيچنگ اسپتال، ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال، تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال ۽ بنيادي صحت جي مرڪزن ۾ ٻارن لاءِ صحت جون بهترين خدمتن جي فراهميءَ لاءِ هڪ واضح پلان ڏنو آهي. هن چيو ته اهو چائلڊ فائونڊيشن سان شراڪتداريءَ تحت ڪم ڪرڻ جو محرڪ هو. وڏي وزير ٻڌايو ته چائلڊ فائونڊينش کي مختلف ضلعي اسپتالن ۽ ٽيچنگ اسپتالن ۾ تمام جلد وارڊ يا خاص جاءِ ڏني ويندي. هن چيو ته شهيد بينظير آباد ۾ 18 مئي کان، ڄام شورو ۾ 18 جون کان ۽ سکر ۾ 18 ڊسمبر کان وارڊ چائلڊ فائونڊيشن وارڊ آپريٽ ڪندا. وڏي وزير چيو ته سندس ٿر جي ٻارن جي تمام گهڻي فڪر آهي جتي ٻارن کي اڃا به خاص توجهه جي ضرورت آهي. هن چائلڊ فائونڊيشن کي هدايت ڪئي ته اهي مٺي سول اسپتال ۾ پنهنجي پروفيشنل ٽيم موڪلي وڃي ۽ اتي موجود سمورين سهولتن جو معائنو ڪري ۽ هڪ هفتي اندر کين رپورٽ ڏني وڃي ته اتي سهولتن ۾ ڪا گهٽتائي ته نه آهي ته جيئن جيڪڏهن ڪا گهٽتائي آهي ته ان جو فوري طور تي تدارڪ ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان سول اسپتال مٺي کي تمام تر جديد سهولتن ۽ اوزارن سان آراستا ڪيو آهي ۽ اڃا به اتي ٻارن جي موت جي شرح جون رپورٽس آهن جيڪي مون لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان مٺي اسپتال ۾ موجود سهولتن جو مڪمل ريت سروي ڪري ان بعد مون کي رپورٽ ڪريو ته جيئن چائلڊ فائونڊيشن سان گڏجي ان کي اپ گريڊ ڪري سگهجي. مراد علي شاهه اهو به چيو ته ٽيچنگ اسپتالن، ڊي ايڇ ڪيو ۽ ٽي ايڇ ڪيو ۾ فارميسي کي به بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مان سمورين سرڪاري اسپتالن ۽ صحت جي سهولتن جو ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ چاهيان ٿو ته انهن کي مناسب ريت چڪاس ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته سڄي صوبي ۾ سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي مناسب ريت دوائون ڏنيون وينديون آهن پر صحت جون خدمتون انهن سرڪاري اسپتالن جتي خانگي شعبو حڪومت سان گڏ شراڪتداريءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ڪجهه بهتر آهن. مراد علي شاهه چيو ته سندس نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايڇ) کي خاص توجهه ڏني آهي ۽ انهن جي خدمتن ۽ آلات کي بهتر بڻائي رهيا آهيون ۽ سڄي صوبي ۾ ان جا سيٽيلائيٽس به قائم ڪيا ويندا.