ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنھنجي چونڊ منشور تي عملدرآمد ڪندي ھڪ سگنيچر پروگرام شروع ڪري رھي آھي، جنھن ۾ غربت جو خاتمو، خوراڪ جو تحفظ، روزگار جا موقعا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام شامل آھن. سنڌ حڪومت عوام جي سماجي ترقي تي پڪو يقين رکندي سدائين جمھوري اصولن جي حمايت ڪئي آھي. ھن اھڙن خيالن جو اظھار وزيراعليٰ ھائوس ۾ ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاھھ، صوبائي صحت کاتي واري صوبائي وزير عذرا پيچوھو، زراعت کاتي وارو وزير اسماعيل راھو، محنت کاتي وارو وزير مرتضيٰ بلوچ، مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، وومين ڊوپلمينٽ واري وزير شھلا رضا، سڌسماءَ وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف سماجي شعبن جا منصوبا شروع ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو جنھن ۾ بک ختم ڪريو پروگرام، فيملي ھيلٿ پروگرام، ميٽرنل اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام، پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام، بينظير ھاري پروگرام، بينظير وومين ايگريڪلچر ورڪرز پروگرام ۽ انٽرنشپ گارنٽي پروگرام شامل ھوندا. وڏي وزير چيو تھ سماجي منصوبا پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت چونڊ منشور تحت ھوندا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ھدايت آھي تھ منشور تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي. بک ختم ڪريو پروگرام، فوڊ سڪيورٽي، خوراڪ ۽ زرعي بنيادن تي ھوندا جن کي ٻھراڙي ۽ شھري علائقن ۾ شروع ڪيو ويندو جڏھن تھ فيملي ھيلٿ پروگرام صحت وارين خدمتن کي نظر ۾ رکندي شروع ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ ٻڌايو ويو تھ ڄاڻايل منصوبا ميٽرنل اينڊ چائلڊ ھيلٿ سپورٽ پروگرام ۽ فيملي ھيلٿ پروگرام پلاننگ ۽ چائلڊ ڊولپمينٽ تي ٻڌل ھوندو جڏھن تھ بينظير ھاري پروگرام صرف ھارين ۽ بينظير وومين ايگريڪلچرز پروگرام رڳو عورتن لاءِ مختص ھوندو. اجلاس ۾ وڏي وزير جي نئين مقرر ڪيل ڪوآرڊينيٽر براءِ تحفظ حارث گذدر ڄاڻايل پراگرامن جي حوالي سان تفصيلي پريزنٽيشن ڏني. انھن پراوگرامن ۾ بک ختم ڪريو پروگرام، فيملي ھيلٿ پروگرام، ميٽرنل اينڊ چائلڊ سپورٽ، پيپلز پاورٽي ريڊڪشن، بينظير ھاري پروگرام، بينظير وومين ايگريڪلچر ورڪرز پروگرام ۽ انٽرنشپ گارنٽي پروگرام شامل آھن.