ڪراچي (هه آ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪي اليڪٽرڪ جي متاثر ماڻهن کي قانوني معاونت فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي وفاقي سرڪار کان پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واپس وٺن جو مطالبو ڪيو آهي.هن چيو ته تحريڪ انصاف تحريڪ انتقام بڻجي چڪي آهي. ڪراچي جي ميئر مان ڪا اميد ناهي هن جي سموري ڪوشش وزارتن لاءِ آهي ٽوئٽر جا شهزادا اسلام آباد ۾ ويهي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪري رهيا آهن. وزيراعظم جي اعلان ڪيل ڪراچي پيڪيج جي 162 ارب رپين مان هڪ رپيو به ڪراچي کي ناهي ڏنو. هو سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر نيوز ڪانفرنس سان خطاب ڪري رهيو هو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته تحريڪ انصاف هاڻي تحريڪ انتقام بڻجي چڪي آهي پيٽرول جا اگهه واپس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا هي پاڪستان جي عوام کان انتقام وٺي رهيا آهن. هن سنڌ خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۾ برساتن جو حوالي سان چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان يا پي ٽي آئي هجي هنن پيپلزپارٽي جي حڪومت تي الزام هڻڻ جي ڪوشس ڪئي. ان ٻن جماعتن کان علاوه سط ڄاڻن ٿا ته بجلي جي فراهمي يا بندش ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ حيسڪو يا ڪي اليڪٽرڪ جي ذمينداري آهي. ڪراچي ۾ ڪيترائي معصوم جانيون ويون پهريون ڪي اليڪٽرڪ بجلي بند ڪري ماڻهن کي پريشان ڪيو ۽ ان کان پوءِ بجلي بحال ڪري ماڻهن جون حياتيون کسيون، ماڻهن جي زخمن تي هٿ رکڻ بجائي وفاقي وزير چون ٿا ڪي اليڪٽرڪ وفاق جي ڪنٽرول ۾ ناهي اهي ڪهڙا وزير آهن جيڪي لاعلم آهن ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ تي وفاق جا ٽي نمائندا موجود آهن. هن چيو ته خدارا اسان کي سوال ڪرڻ کان ته نه روڪيو هڪ ٻئي وزير غلط ڳالهه ڪري پنهنجو مذاق بڻايو هو عجيب ڳالهه ڪندا آهن چوندا آهن اسان جي ذمينداري ناهي ڪي اليڪٽرڪ وفاقي حڪومت ميڊيا ڪو آرڊينيٽر ملڪيت ۾ ايندي آهي، نيپرا سنڌ حڪومت جو ناهي وفاقي سرڪار جو ادارو آهي توهان وٽ ڪارروائي ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي توهان ته ڪي اليڪٽرڪ کان سوال به ناهي ڪيو چندو پارٽي جواب ڏئي ماضي ۾ ڪير ڪير چندي پارٽي کي چندو ڏيندا هئا ڪهڙو شخص آهي جيڪو ڪي اليڪٽرڪ کي اون ڪندا آهي بنا سبب الزام مڙهڻ کان پاسو ڪيو بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان جو اخلاقي فرض ٿئي ٿو ۽ اسان نڀائي رهيا آهيون ڇو ته ڪرنٽ لڳڻ سان ڪيترائي جاني نقصان ٿيا بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ٽوئيٽ پارٽي صرف ٽوئيٽ ڪندي آهي پنهنجي ادارن جو معيار درست ڪيو 48 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئن مشڪل ٿي ويو آهي هن ڪرنٽ لڳڻ سان وفات ڪندڙن جي معاملي تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو اسان جو ڪو سياسي مقصد ناهي اسان صرف عوام جي ڀلائي چاهيون ٿا انهن کي انصاف ڏيارڻ چاهيون ٿا اسلام آباد ۾ ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي ڪراچي جي حالتن تي ڳالهائي رهيا آهن ڪراچي توهان کي 14 سيٽون ڏنيون وفاقي وزير ڪراچي اچڻ ۽ امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ بدران اسلام آباد ۾ ويهي ڪري سنڌ حڪومت تي تنقيد شروع ڪري ڇڏي وزيراعلي سميت سموري ڪابينا جا اڳواڻ روڊن تي هيا سنڌ حڪومت نالين جي صفائي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا ميئر ڪراچي ڪمشنر آفيس ۾ ڪوٺايل هڪ اجلاس ۾ ٻڌايو ته نالين جي صفائي ڪري ڇڏي آهي گورنر ۽ ميئر جي دوري دوران ان جي گاڏي ۾ ويهي ويڊيو جاري ڪئي وئي. خدارا ماڻهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ بدران هنن جي امداد ڪريو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪريو هن چيو ته وقت اچي ويو آهي وفاقي حڪومت پنهنجا واعدا پورا ڪري ڪراچي لاءِ جيڪو اعلان ڪيو هو اهو پورو ڪيو وفاقي سرڪار ٿيندڙ برساتن ۾ ڪامدد ناهي ڪئي ڪراچي ۾ چائنا ڪٽنگ ڪنهن ڪئي نالن تي حد دخليون ڪنهن وڌيون سڀ ڄاڻن ٿا هن چيو ته انساني معاملي تي ڏڍ انچ جي مسجد ناهي بڻائي مخلص ٿي ڪم ڪرڻو پوندو اسان جي بلديات واري وزير ميئر ڪراچي سان دورو ڪرڻ پئي چاهيو پر هو مصروف هو ۽ نه آيو هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ماضي ۾ به ميئر ڪي ايم سي ان وقت جي وفاقي حڪومت کي خط لکيا اهو ئي ميئر وزيراعظم کي ابن قاسم باغ وٺي ويو ميئر مان اسان کي ڪا اميد ناهي هن جي ڪوشش پنهنجي وزارت ڪاڻ آهي اگر هن ڪو مطالبو ڪرڻو هو ته وزيراعظم کي ابن قاسم باغ ۾ ڪيل 162 ارب رپئي جو پيڪيج ياد ڪرائي ها ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت هڪ رپيو ناهي لڳايو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيندڙ جي پوئنرن پاران ايف آئي آر بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت انهن سان هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي اينٽي ڪرپشن بابت هن تفصل سان ٻڌايو ته ڇا ملير ۾ سرڪاري زمين هر قنضا غير قانوني هائڊرنٽس جي خلاف ڪارروايون ڪيون ويون ملڪ ۾ قانون تي عملدرآمد هجڻ کپي.