سنڌ حڪومت پاران مفت سرڪاري ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت مفت سرڪاري ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت جي ذريعن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ آبادي جي لحاظ کان 200 ايمبولنس سروس جي ضرورت آهي هن وقت ڪراچي ۾ سرڪاري ايمبولنس نه هئڻ جي ڪري غريب مريضن خاص ڪري عورتن کي عالمي معيار جون ايمبولنس سروس نه ملڻ جي ڪري سخت پريشان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڪراچي ۾ اڃا تائين سرڪاري ايمبولنس جي ڪائي سهولت مهيا نه آهي جنهن جي ڪري مريض ڇيپا يا امن فائونڊيشن ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت ايمبولنس استعمال ڪري رهيا اهن صحت جي عالمي اداري مطابق هر هڪ لک ماڻهن تي هڪ ايمبولنس هجڻ لازمي هوندي آهي پر ڪراچي ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي 3 لک ماڻهن تي هڪ خانگي ايمبولنس سروس مهيا آهي خانگي ايمبولنس سروس تي مريضن جي سخت دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت امن فائونديشن سان رابطو ڪري ورتو آهي ۽ ڪراچي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ تحت امن فائونڊيشن جون 200 ايمبولنس سروس جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڪراچي ۾ آبادي جي لحاظ کان گهٽ ۾ گهٽ 200 جديد ايمبولنس جي سخت ضرورت آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ امن فائونڊيشن جون 60 ايمبولنس آپريشنل آهن جيڪي آبادي جي لحاظ کان تمام گهٽ آهن ان حوالي سان امن فائونڊيشن جي سربراهه خاان سڪندر ٻڌايو ته سنڌ حڪومت مريضن کي ايمبولنس سروس فراهم ڪرڻلاءِ امن فائونديشن سان رابطو ڪيو آهي ۽ 200 ايمبولنس سروس هلائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون آهن چيو ته ڪراچي ۾ ايمبولنس سروس فراهم ڪرڻ لاءِ اسان کي وڌيڪ 140 ايمبولنس جي ضرورت آهي جيڪا اسان حاصل ڪري رهيا آهيون خاقان سڪندر ٻڌايو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ هر ٻن منٽن ۾ ايمرجنسي ٿيندي رهي ٿي جنهن لاءِ متاثر مريض کي گهر کان يا اسپتال کانا سپتال پهچايو وڃي ٿو هن ٻڌايو ته ڪراچي جي عوام لاءِ پهريون ڀيرو امن فائونڊيشن تحت ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن اميد آهي ته هلندڙ مهيني ۾ سنڌ حڪومت ۽ امن فائونديشن وچ ۾ معاهدو ٿي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *