ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل کانپوءِ جعلي ڊي سيز اچي ويا، پي ٽي آءِ مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان جي ڪراچي سينٽرل ۾ ڊي سي طور مقرري کي سياسي قرار ڏيندي مقرري خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايم پي اي حليم عادل شيخ وفاقي حڪومت ۽ اسٽيلبشمينٽ ڊويزن کان ضياءُ الرحمان جون خدمتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اها مقرري پ پ ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ سياسي ڊيل جو نتيجو آهي، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته جعلي ڊوميسائيل بابت جاچ ڪيڏانهن وئي؟ ٻڌايو وڃي ته جعلي ڊوميسائيل جي جاچ ڪندڙ قاضي شاهد پرويز پاڻ موڪل تي ويو يا کيس روانو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران حليم عادل شيخ مشتاق مهر کي ڊي فيڪٽو آءِ جي قرار ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ پوليس جو نظام تباهه ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ وري ڌاڙيل راڄ قائم ٿيو آهي، پر پوليس سياستدانن هٿان باندي بڻجي وئي آهي، ڪي پي جي آفيسر کي سنڌ ۾ ڪيئن مقرر ڪيو ويو، ڪي پي سرڪار ضياءُ الرحمان کي واپس گهرائي، مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ جي ڪراچي ۾ ڊي سي مقرري خلاف عدالت ۾ وينداسين.