سنڌ حڪومت وسيلن کي استعمال ڪري برسات متاثرن جي بهتريءَ لاءِ قدم کڻندي:بلاول ڀٽو زرداري

ميرپورخاص(رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي کي لڳل گهاري ۽ متاثرن لاءِ قائم ٿيل خيما بستي جو دورو ڪيو  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت سنڌ تازو ٿيندڙ برساتن جو ازالو ڪري انهن خيالن جو اظهار ميرپورخاص ۾ پارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ مقامي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو جتي برسات سان متاثر علائقن جي دوري تي پهتا هئا. ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه، ايم اين اي مير منور ٽالپر، صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال، سهيل انور سيال، سردار شاه، شبير بجاراني ۽ تيمور ٽالپر، ايم پي اي شرجيل ميمڻ، امداد پتافي، ذوالفقار شاه ۽ ٻين شرڪت ڪئيبلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ برساتن سبب هزارين خاندان بي گهر ٿيا آهن، هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباه ٿي ويا آهن، ننڍي ڪاروبار سان تعلق رکندڙ کي به نقصان ٿيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت محدود وسيلن کي استعمال ڪندي متاثرن کي امداد ۽ معيشت جي بهتري لا۽ قدم کڻندي، اجلاس دوران وزير آبپاشي سهيل انور سيال پاران چيئرمين بلاول ڀٽو کي ايل بي او ڊي ۽ ڍورو نارو ۾ لڳندڙ گهارن بابت اگاه ڪيو ۽ ان جي حل لاءِ بريفنگ ڏني بلاول ڀٽو زرداري سهيل انور سيال ۽ وزيراعلي سنڌ کي سي.م نالن جا بند مضبوط ڪرڻ ۽ گهارا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن وڌرڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا نمائندا غريب عوام جا سفير آهن، هو ان جزبي سان عوام جي خدمت ڪندا جيڪو منهنجو عزم ۽ مشن آهي. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي ميرپورخاص جي اڳوڻي ايم اين اي پير شفقت شاه جي فاتحه ڪندو انهن سان گڏ روشن آباد جي مقام تي ايل بي او ڊي سم نالي جو جائزو وٺندو، ان کانپوءِ ڪيٽل فارم تي ٽينٽ سٽي جو دورو ڪرڻ بعد ڪوٽ ميرس جو دورو ڪري ڪارڪنن سان خطاب ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *