ڪراچي (م ڊ): ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته سنڌ حڪومت نه پاڻ ڪجهه ڪري رهي آهي نه ئي مون کي ڪجهه ڪرڻ ڏئي پئي، هن چيو ته سڄي سنڌ جي حڪومت چين کي ڏئي ڇڏيو، سنڌ حڪومت کان سيوهڻ نه پيو سنڀالجي، ڪراچي جي ميئر چيو ته سپريم ڪورٽ مڪاني چونڊون ڪرايون هيون، سمورا آپشن آزمائي ورتا هاڻي عدالت طرف ڏسي رهيو آهيان، آرٽيڪل 140 جي لاءِ سپريم ڪورٽ ويندس، هن چيو ته اندرون سنڌ جا مڪاني نمائندا به مون کي فون ڪري رهيا آهن، سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ کان بريفنگ گهري آهي.