سنڌ حڪومت غير قانوني ريسٽورنٽ نه آهي جنهن کي حددخلي سمجهي ڪرايو وڃي؛اطلاعات صلاحڪار

ڪراچي (هه آ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جو صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاق پاران سنڌ ۾ پاڻي ۽ گيس جو هٿراڌو بحران پيدا ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ الزامن جي سياست ڪئي پئي وڃي. وفاق ۽ پنجاب ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت اتحادين جي آسري بيٺل آهي جڏهن ته انهيءَ جي ابتڙ سنڌ ۾ سنگل پارٽي اقتدار ۾ ويٺل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته وفاق ننڍن صوبن سان سٺو سلوڪ نه پيو ڪري ۽ وفاقي حڪومت جي غلط پالسين سبب سنڌ کي پورو پاڻي به نه پيو ڏنو وڃي. سنڌ سي سي آئي جي اجلاس ۾ پاڻي واري مسئلي کي اٿاريو هو پر اڃان تائين انهيءَ کي حل نه ڪيو ويو جڏهن ته انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌ صوبي ۾ گيس جو هٿراڌو بحران پيدا ڪيو ويو آهي ۽ احتجاج ڪرڻ تي اسان کي گيس ڏني وڃي جڏهن ته 70 سيڪڙو گيس سنڌ پيدا ڪندو آهي ۽ وري انهيءَ کي ئي گيس کان محروم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان جي وفاقي حڪومت کي درخواست آهي ته هو آئين تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي  ۽ سنڌ کي فنڊز ڏنا وڃن. هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پاران 92 ارب رپيا سنڌ صوبي کي نه مليا آهن. هن وفاقي حڪومت کي مشورو ڏنو ته جيڪڏهن هو پهريان ئي ڄاڻ حاصل ڪري وٺي ته انهن کي ايترا يوٽرن وٺڻا نه پون ۽ پي ٽي آئي حڪومت محلاتي سازشون ڇڏي ڏي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪندڙ حقيقتن کان واقف نه آهن ڇوته سنڌ حڪومت هڪ آئيني حڪومت آهي ۽ ان کي عوام جي مسئلن بابت سٺي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻايل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪي به اُپاءُ وٺڻا پيا وٺنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت خلاف سازشون رٿيندڙ سٺي ريت ڄاڻي وٺن ته سنڌ حڪومت صدر جي ڪنهن علائقي جو غير قانوني ريسٽورنٽ نه آهي جنهن کي حددخلي سمجهي ڪرايو وڃي. هن چيو ته سنڌ ريونيو جي پيداوار ۾ سڀ کان وڏو حصو ملڪي معيشت کي هلائڻ لاءِ ڏئي ٿو پر انهيءَ کي ئي فنڊز کان محروم رکيو پيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت سان ساڙ جي نتيجي ۾ اي سي ايل ۾ نالا وجهڻ جي ڪاروائي ڪئي وئي. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته گورنر هڪ آئيني عهدو آهي ۽ انهيءَ کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پري رهڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *