سنڌ حڪومت عوام کي بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي : وڏو وزير

ڪراچي ( م ڊ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته عورتن جي معاشي مضبوطي لاءِ انٽرن شپ منصوبو شروع ڪيو.  تفصيل موجب وڏي وزير زرعي پائيدار ترقي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا غربت، سماجي ترقي، موسمي تبديلي، ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. مراد علي شاهه چيو ته پائيدار ترقي جي مقصدن تي 193 ملڪن جي سربراهن صحيحون ڪيون هيون.  هن چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ 2018ع ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، اڄ تائين لکين ماڻهو ان پروگرام مان فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ، سنڌ حڪومت پائيدار ترقي جي مقصدن لاءِ سپورٽ يونٽ قائم ڪيا، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ انٽرپرائزڊيولپمنٽ فنڊ قائم ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته عورتن جي معاشي مضبوطي لاءِ انٽرن شپ منصوبو شروع ڪيو، صحت، تعليم ۽ روڊ سيڪٽر جي اڏاوت تي سنڌ حڪومت ڪافي ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته يقين آهي ته پاڪستان ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ وڏا ذريعا موجود آهن، ملڪ جي ترقي اوهان نوجوانن جي هٿن ۾ آهي.  وڏي وزير چيو ته اسان زبردست قوم آهيون، اسان کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن گڏجي جدوجهد ڪريون ته اسان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.  مراد علي شاهه چيو ته اسان جو وڏو مسئلو امن امان هو، ٻيو سڀ کان وڏي مسئلو توانائي بحران هو، اهو ئي هائبرڊ اڪنامڪ وارفيئر آهي جنهن ۾ اسان ڦاٿل آهيون.  هن چيو ته اسان جو هڪ مسئلو فيصلن ۾ دير ڪرڻ به آهي. حڪومت وقت سر فيصلا نه ڪندي ته مسئلا وڌندا. وڏي وزير چيو ته ملڪي مالي مسئلن جو وڌڻ جو سبب به فيصلن ۾ دير ڪرڻ آهي، امن امان جي صورتحال هاڻ سڄي ملڪ ۾ بهتر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *