سنڌ حڪومت عوام جي حقيقي معنيٰ ۾ خدمت تي يقين رکي ٿي، اسان دعويٰ نه پر عملي ڪم ڪريون ٿا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (استاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام جي حقيقي معنيٰ ۾ خدمت تي يقين رکي ٿي، اسان دعويٰ نه پر عملي ڪم ڪريون ٿا، خميس تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهر جي وچ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي، آرٽس ڪونسل، شاهين ڪامپليس، ايس ايم لا ڪاليج جي ڀرپاسي نوان رستا تيار آهن، جڏهن ته سڀ کان مصروف علائقي ۾ سيوريج جو نظام، فوٽ پاٿ، خوبصورت اسٽريٽ لائيٽس به لڳايون ويون آهن، هن چيو ته ڪروڙين رپين جي لاڳت سان شهرين کي نون ترقياتي ڪمن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، فوٽ پاٿن تي ماربل جون بينچون، ڊسٽبن به رکيون ويون آهن، سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران انڊر پارڪنگ جو منصوبو مڪمل ٿيڻ وارو آهي، هن چيو ته ڪراچي نيبر هوڊ امپرومينٽ پروگرام تحت هتي 4 سئو ڪاريون، 6 سئو موٽر سائيڪلون پارڪ ٿي سگهنديون، هن چيو ته انڊر گرائونڊ پارڪنگ منصوبي جي مٿان شهري مختلف ڪتابن مان لطف انڊوز ٿي سگهندا، هن ترقياتي ڪمن بابت ٻڌائيندي چيو ته ڀرپاسي ۾ قائم لا ۽ آرٽس ڪاليج، اين اي ڊي سٽي ڪيمپس تي لائٽنگ ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *