سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ کي ڪرايل يقين ڌياني تان فري وئي،صحت کاتي ۾ ڪيترائي جونيئر آفيسر او پي ايس مقرر

خيرپور (رپورٽ شاهد سيال) سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ کي ڪرايل يقين ڌياني تان فري وئي ، صحت کاتي ۾ ڪيترائي جونيئر آفيسر او پي ايس مقرر، غير قانوني ۽ جونيئر آفيسرن بجيٽ ۽ ايپلائيز جا ڌاڻا ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيا . ڪچن ملازمن کي برطرف ڪرڻ ۽ نوڪريون وڪرو ڪرڻ وارو گورک دنڌو هلندڙ . احتساب ڪرڻ وارن ادارن کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل .تفصيل موجب ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ  آف پاڪستان ۾ جمع ڪرايل پاليسي ميٽرس نوٽيفيڪيشن نمبر No Ps / Asa / Policy  2016matters  تي عمل ڪرڻ بدران خيرپور ضلعي جي ڊي ايڇ او آفيس جي اهم پوسٽ تي صحت کاتي جي سينئر آفيسرن کي نظر انداز ڪندي هڪ جونيئر ترين آفيسر کي مقرر ڪري کيس غير قانوني طريقي سان پئسا خرچ ڪرڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن ياد رهي ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ کي ڪجهه عرصو اڳ لکت ۾ يقين ڌياني ڪرائي هئي ته 18 ۽ 19 گريڊ جي پوسٽ لاءِ سنڌ حڪومت وٽ سينارٽي لسٽ ۾ صرف 200 نمبرن تائين  موجود آفيسرن کي اهم انتظامي پوسٽن تي مقرر ڪيو ويندو پر سنڌ حڪومت خيرپور ضلعي ۾ نا اهل ۽ جونيئر آفيسرن کي ڊي ايڇ او آفيس ۽ ٻين هنڌن تي مقرر ڪري ڪرپشن جي بازار کولي ڇڏي آهي . اهو به پتو پيو آهي ته غير قانوني طور مقرر ٿيل صحت کاتي جي بدعنوان آفيسرن پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندي ڪروڙين روپيه بجيٽ جعلي ووچر ٺاهي هڙپ  ڪري چڪا آهن . ان کان سواءِ صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه ليڊيز ايپلائيز کي نوڪرين کان جواب ڏيئي ساڳيون پوسٽون ٻيهر وڪرو ڪري ڪروڙين روپيه ڪمائڻ جو مڪمل پلان جوڙي ورتو آهي . صحت کاتي جي اهم پوسٽن تي ٿافيل او پي ايس آفيسر عملدارن وٽ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ انتظامي چارجون هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي . ذريعن جو  چوڻ آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان يا وفاقي حڪومت جا جاچ پڙتال ڪرڻ وارا ادارا نوٽيس وٺن ته خيرپور ۾ صرف صحت کاتي اندر  30 ڪروڙ روپيه ڪرپشن ٿيڻ جا ڦاٽ ڦاٽندا . 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *