سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪندڙ ميسارجي ويندا: وڏو وزير

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سازشون ڪندڙ ميسارجي ويندا. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم جلد گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائيندو. هن چيو ته جڏهن دريائن ۾ اضافي پاڻي هوندو آهي ته مسئلا  نه هوندا آهن، جڏهن ته دريائن ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي ته ڪوٽا گهٽ ڪئي ويندي آهي، هلندڙ سال سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي.  مراد علي شاهه چيو ته واهن جي پاڻي تي ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ جو ڪم واپڊا ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته ٽيلي ميٽري سسٽم لڳايو وڃي. هن چيو ته اسان جي مطالبي باوجود ٽيلي ميٽري سسٽم نه لڳايو ويو آهي، منڇر ڍنڍ کي تباهه ٿيندي ڏسي منهنجي دل پريشان ٿيندي  آهي، بحالي جون ڪوششون جاري آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *