ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ ۽ پي ايس 99 تي ڪامياب ٿيندڙ ايم پي اي حليم عادل شيخ ڪراچي جي علائقي سنڌ آباد ڳوٺ سيلاب متاثرين وٽ پهتو جن بنيادي سهولتون نه ملڻ تي گذريل 7 مهينن کان سوين ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪيل هو. پي ٽي آئي اڳواڻ صحت کاتي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سميت پوليس ٽيم جي ڳوٺاڻن وٽ پهتو جن کين مان ڏيندي بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيو حليم عادل شيخ سميت ٽيم ٻارڙن کي پوليا جا قطرا پيارا. سيلاب متاثرن جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته گذريل 8 سالن کان بي يارو مددگار ويٺل آهيون سنڌ حڪومت اسان جي بحالي لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي جنهن جي ڪري مجبور ٿي پوليو مهم جوبائيڪاٽ ڪيو هو. حليم عادل شيخ متاثرن کي يقين ڏياري ته پي ٽي آئي جي حڪومت اچي ويئي آهي سڀني کي حق ملندا ۽ عوام کي صحت، تعليم سميت سموريون بنيادي سهولتون ڏيارينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي ته 2010 جا سيلاب متاثر اڃان تائين بي يارو مددگار ويٺل آهن کين ڪابه بنيادي سهولت نه ڏني ويئي آهي. هن چيو ته اسان ملڪ مان پوليو سميت ٻين موذي مرضن جو خاتمو ڪرائنداسين، هن چيو ته سيلاب متاثرن جي بحالي لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته يو سي گجرو جي علائقي مڳڻ پوليو متاثرين ٻارڙن جو تعداد پوري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته آئون شڪر گذار آهيان عوام جو جن مون تي اعتماد ڪندي ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پيارا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت رڳو عوام کي لٽيو آهي، پنهنجون جاگيرون ٺاهيون اسان هاڻي عوام جي حقيقي نمائندگي ڪري ڏيکارينداسين.