سنڌ حڪومت جي حوالي سان غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته اتي ڪو به ڪم نه پيو ٿئي: سيد ناصر حسين شاهه

لاهور (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي حوالي سان غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته اتي ڪو به ڪم نه پيو ٿئي. سنڌ ۾ تعليم، صحت سميت توانائي جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي ضلعي ادارن کي واڳونءَ وانگر ڳوڙها ڳاڙيندڙن تباهه ڪيو ايم ڪيو ايم جو ڪو به ڌڙو اسان کي ٽف ٽائيم نه ٿو ڏئي سگهي، پي ٽي آءِ جي ڦوڪڻي ۾ پاشا صاحب مينارِ پاڪستان ۾ هوا ڀري، لاهور پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته اوهان ماڻهن کي دعوت ڏيان ٿو ته سنڌ جو دورو ڪيو ۽ ڏسو ته سنڌ ۾ ڪيترو ڪم ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ جديد سهولتون واريون اسپتالون ٺاهيون ويون آهن جن ۾ دل جي بيمارين لاءِ جديد اسپتالون به شامل آهن ڪينسر جي مفت علاج جا مرڪز به کوليا ويا آهن تعليم جي شعبي ۾ به ترقي ٿي آهي نوان اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا آهن هن چيو ته ٿرڪول منصوبو تيزي سان جاري آهي، سنڌ جي ڪوئلي مان سڄي پاڪستان کي فائدو پهچندو. هن چيو ته ڪراچي آپريشن سان نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ ۾ امن بحال ٿيو آهي. ڪراچي ۾ پرڏيهي ايونٽس ٿي رهيا آهن، بوهري جماعت جي ايونٽ ۾ ڀارت مان 27 هزار ماڻهو شريڪ ٿيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *