ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، مذهبي معاملن ۽ جھنگلات و جهنگلي جيوت واري وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ ان جا وزير مسلسل سنڌ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ جيڪڏھن مسلسل اسان مٿان تنقيد ڪئي ويندي ته جواب ڏيڻ اسانجو به حق آهي. ھن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي مسلسل گمراھ ڪيو پيو وڃي.ان لاءِ اسان کي به پنھنجو دفاع ڪرڻو پوندو آهي ۽ جڏھن ڪجھ چوندا آھيون ته چيو ويندو آهي ته اسان تنازعات جي ڳالهه ڪندا آھيون. ھن اھڙن خيالن جو اظهار اڄ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. ھن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ھٿ ٻڌي چيو ته خدارا لڙائي جي ڳالهه نه ڪئي وڃي ۽ گڏجي ڪم ڪريون پر ان ڳالهه کي مزاق بڻايو ويو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته انسان نقصان اھو ٿيو ته جيڪڏهن شروعات ۾ ئي لاڪ ڊائون طرف وڃون ھا ته 15ڏينھن يا وڌيڪ 15ڏينھن لاڪ لڳي ھا ۽ پوء سڀ ٺيڪ ٿي وڃي ھا ۽ ان سان بھتري اچي ھا ھاڻي صورتحال اھا آھي ته وائرس ڦهلجي چڪو ۽ ھڪ ڊگھي اننگ کيڏڻي پوندي تڏھن وڃي معاملا ٺيڪ ٿيندا. ھن چيو ته ھي اھو چوڻ ته اسان وٽ وڌيڪ ماڻهو ان وائرس کان متاثر نه آهن چوڻ غلط آھي، ڇو ته اسان وٽ ايترا وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڻ جي مشينري ئي نه آهي ته اسين صحيح تعداد معلوم ڪري سگھون جيڪي ماڻهو اھو سمجھن ٿا ته اھي صرف مفروضن جي ڳالھ ڪن ٿا. ھن چيو ته اسان ڪنھن بہ صوبي تي الزام نه لڳائيندا آهيون ته ٽيسٽ صحيح ٿيا يا نه پر ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته سنڌ حڪومت جيڪي ٽيسٽون ڪيون آهن آھي عالمي معيارن موجب آهن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسان تي الزام لڳايا ويا آهن ته اسانکي گھڻو ڪجھ ڏنو ويو آهي جيڪڏھن واقعي اھو صحيح آهي ته لسٽ ڏيکاري وڃي ته ڇا ڏنو ويو آهي آھي الزام لڳائي رهيا آهن