ڪراچي (هه آ) سنڌ حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ عارضي بجيٽ پيش ڪندي، هاڻوڪي سنڌ اسيمبلي نئين ترقياتي اسڪيمن جو اعلان نه ڪندي، بجيٽ ۾ رڳو هلندڙ ترقياتي رٿائن لاءِ رقم مختص ڪئي ويندي، ملازمن لاءِ پگهارن جي مد ۾ مڪمل رقم رکي ويندي پر منظوري ٽن مهينن جي ڏني ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اها ڳالهه اڄ خاص مهمان طور سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي اهتمام هيٺ چائنا-پاڪستان اسڪلڊ اينڊ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اقتصادي ڪونسل جو مقصد وفاقي حڪومت کي مشورا ڏيڻ آهي، گذريل ڏينهن ٿيل قومي اقتصادي ڪونسل واري اجلاس ۾ وفاقي حڪومت مختلف رٿائن لاءِ رقم مختص ڪرڻ ۾ ناانصافي ڪئي هئي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ لاءِ 150 ارب رپيا مختص ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ صوبي لاءِ 4.1 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، اهڙي ريت آبپاشيءَ لاءِ 127.5 ارب رپيا رکيا ويا جنهن مان سنڌ لاءِ رڳو 300 ملين رپيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايڇ اِي سي ۾ وڏا ڪم ٿي رهيا آهن ۽ ان لاءِ 6 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ لاءِ رڳو 250 ملين رپيا مختص ڪيا ويا. پاور سيڪٽر ۾ نئين رٿائن لاءِ 6 ارب رپيا مختص ڪيا ويا ۽ سنڌ لاءِ رڳو 125 ملين رپيا رکيا ويا آهن جيڪي صوبي جي ڪنهن ضلعي ۾ وليج اليڪٽرڪ فڪيشن لاءِ آهن. وڏي وزير چيو ته اهڙي ريت انهن سمورن شعبن ۾ سنڌ لاءِ تمام گهٽ فنڊ مختص ڪيا آهن جيڪا ناانصافي آهي. وڏي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 156 تحت اين اِي سي ميمبرن جو انگ 13 آهي جڏهن ته اجلاس ۾ 9 ميمبر موجود هئا ۽ اجلاس ۾ ٿيندڙ ڪارروائي کي ڏسندي 9 ميمرن مان 5 ميمبر واڪ آئوٽ ڪيو. وڏي وزير چيو ته اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪرڻ جو ڪارڻ اهو هو ته اسانجو موقف هو ته نيون رٿائون ايندڙ حڪومت لاءِ ڇڏيون وڃن، جنهن تي اجلاس کي چيو ويو ته ان بابت اين اِي سي مان منظوريءَ جي ضرورت نه آهي جنهن تي اسان ٽنهي وڏن وزير چيو ته جڏهن منظوريءَ جي ضرورت نه آهي ته اسانکي ڇو ويهاريو ويو آهي انڪري اسان اجلاس کان واڪ آئوٽ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آئين جي روح سان اين اِي سي جي اجلاس لاءِ 50 سيڪڙي جو ڪورم هئڻ لازمي آهي اهڙيءَ ريت اين اي سي اجلاس بنا ڪورم جي ٿيو ۽ اجلاس جي ٿيندڙ سموري ڪارروائي غيرآئيني آهي. انهيءَ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چائنا-پاڪستان اسڪلڊ اينڊ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن پروگرام جو ٿيڻ چڱي ڳالهه آهي جنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل تعليم ۽ فني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ون بيلٽ ون روڊ جي شروعات آهي ۽ جيڪي چين جا ادارا پاڪستان جي ادارن کان اشتراڪ چاهن ٿا انهن لاءِ اها ڪانفرنس اهم ثابت ٿيندي. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ فني تعليمي ادارن جي پرنسپلز سميت هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير ان شاندار ۽ هنر دوست ڪانفرنس جي انعقاد تي سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ ٻين سهڪاري ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اميد ظاهر ڪئي ته فني تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ، عوام کي ان ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ هنرمند افرادي قوت جي تياريءَ لاءِ اهڙي طرح جون سرگرميون جاري رکيون وينديون. هن ماضيءَ جون ياديون ورجائيندي ٻڌايو ته 1968ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي چيو هو ته جڏهن به مان چئني پاسن ڏانهن ڏسندو آهيان ته مونکي رڳو چين نظر ايندو آهي جيڪو پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ضرورت کي ڏسندي سنڌ کي چين جي وڏن تعليمي ادارن سان الحاق جي ضرورت آهي، اسانکي گهرجي ته هڪٻئي جي تجربي، تحقيقي ۽ فني مهارتن کان فائدو ماڻيون. هن چيو ته ٿر سميت ٻين سي پيڪ رٿائن لاءِ جيترن ٽيڪنيڪل ماڻهن جي گهرج آهي اوترا اسان وٽ نه آهن ۽ مون کي اميد آهي ته اها ڪانفرنس ان حوالي سان تمام گهڻي مددگار ثابت ٿيندي. وڏي وزير انتهائي هنرمند ۽ سکيا ورتل هڪ ملين انگريزي ڳالهائيندڙ نوجوانن لاءِ ملازمتن جو به اشارو ڏنو. انهيءَ کان اڳ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن پاران ڪانفرنس جي انعقاد جي مقصدن، ڪارڪردگي ۽ سکيا جي مرڪزن جي معياري تي روشني وڌي وئي.