سنڌ حڪومت ايم ايل ون منصوبي جي لاءِ زمين ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (م ڊ) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت چين سان ريل منصوبي ايم ايل ون جو معاهدو ڪيو آهي. پر سنڌ حڪومت مذڪوره منصوبي جي لاءِ زمين نه ڏيندي. ڇو ته زمين تي ڪراچي سرڪلر ريلوي جو حق آهي.تفصيل موجب رات دير سان سنڌ اسيمبلي پري بجيٽ بحث ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ميمبرن جي وچ ۾ ڊگهي تقريرن جو مقابلو ٿيو. مخالف ڌر جي اڳواڻن جي ٽن ڪلاڪن جي خطاب کان پوءِ وزيراعليٰ سنڌ وفاقي حڪومت مٿان ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته چائنا سان ايم ايل ون معاهدو ڪرڻ وارن کي سنڌ جي زمين نه ڏينداسين.مراد علي شاهه تقرير دوران چيو ته  جيڪو به سنڌ جي ورهاست جي خلاف آهي اهو اٿي بيهي. پ پ سان گڏ جي ڊي اي جا ميمبر به اٿي بيٺا، تحريڪ انصاف جا ميمبر به بيهي رهيا. جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ميمبر پنهنجي سيٽن تي ويٺل رهيا. وزيراعليٰ سنڌ جي ڊي اي جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *