ڪراچي (م ڊ) پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت مڪاني کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون بند ڪري ڇڏيون. سنڌ حڪومت جي مڪاني ادارن واري کاتي طرفان گذريل رات نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي مڪاني ۽ شهري ادارن کي گڏيل رابطا مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪاني ادارا هيوي مشينري تيار رکن. سڄي صوبي جي ڪائونسلن کان فائر ٽينڊر، باوزر، ڊمپر، لوڊر، پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي پمپن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. مڪاني ڪائونسلز کي مشينري جي موجودگيءَ جي هنڌن بابت به آگاهه ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ سمورين واٽر اسڪيمن مان پاڻي جي سپلاءِ کي هر صورت ۾ بحال رکڻ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. مڪاني ادارن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته عوام کي خطري کان آگاهه ڪندڙ سائرن به تيار ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن به خطري جي صورت ۾ عوام کي وقت سر آگاهي ڏئي سگهجي. سنڌ حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيشن ۾ آفيسرن ۽ ملازمن کي آفيسن ۾ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حڪمن تي عمل نه ڪندڙ آفيسر ۽ ملازم ڪارروائي کي منهن ڏيندا.