سنڌ حڪومت اوقاف کاتي جي ملڪيتن جي آڊٽ ڪرائڻ ۽ زمينن تان قبضا ڇڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت اوقاف کاتي جي ملڪيتن جي آڊٽ ڪرائڻ ۽ زمينن تان قبضا ڇڏائڻ جو حڪم ڏنو آهي. اوقاف واري صوبائي وزير سهيل انور سيال اوقاف کاتي جي آفيسرن کي حڪم ڪيو آهي ته کاتي جي ملڪيتن جي آڊٽ ڪرائي وڃي ته جيئن شفافيت برقرار رهي سگھي. هن چيو ته اوقاف کاتي جي انتظام هيٺ درگاهن جي چوڌاري/ ايراضي تي قبضو ڪندڙن کان قبضو ڇڏائڻ لاءِ آپريشن ڪرڻ جي وارننگ ڏيان ٿو، هن چيو ته صوبي جي اوقاف کاتي جي ايراضي تي قبضو ڪندڙن کان قبضو ڇڏائڻ ۽ اها زمين با مقصد انداز ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. هن چيو ته اوقاف کاتي جي ايراضي تي قبضو ڪندڙ ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪري قانون موجب ڪاروائي جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي اوقاف کاتي جي ملڪيت جي زمينن مان آمدني جي اضافي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کان تجويزون پڻ طلب ڪيون ويون آهن. صوبائي وزير سهيل انور سيال اوقاف کاتي جي انتظامي آفيسرن کي اها هدايت به ڪئي آهي ته کاتي جي ملازمن جي پگهار ۽ پينشن سان لاڳاپيل معاملا جامع رپورٽ جي صورٽ ۾ سندس حوالي ڪيا وڃن، ڪوتاهي ڪندڙن خلاف کاتي طرفان ڪاروائي ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *