سنڌ حڪومت اشتهارن جون رهيل بقايائون اخباري مالڪن کي هڪ مهيني اندر ادا ڪندي؛سيڪريٽري اطلاعات

ڪراچي(پ ر) سنڌ جي اخبارن کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي هدايت جي مطابق سنڌ حڪومت اشتهارن جون تمام بقايائون اخباري مالڪن کي هڪ مهيني اندر ادا ڪندي، اهڙو يقين اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو ڪونسل آف پاڪاستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي زير اهتمام ميٽ دي ايڊيٽرز پروگرام ۾ اخبارن جي ايڊيٽرن کي خطاب ڪندي ڪيو، سيڪريٽري اطلاعات عمران عطا سومرو چيو ته وڏو وزير سرڪاري اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جا تمام بقايا سپريم ڪورٽ جي هدايت مطابق هڪ مهيني اندر ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي تعميل ۾ اشتهاري ايجنسين کي ڊمي اخبارن جي واجبات جي ادائيگي به جلد ڪئي وڃي، هن چيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ سي پي اين اي جي سڀني ميمبرن جي واجبات جي تفصيلات فوري طور تي اطلاعات کاتي کي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ اشتهارن کي منصفاڻي تقسيم ۽ ادائيگين جي شفاف طريقيڪار جي لاءِ سي پي اين اي سان ضروري مشاورت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي سي پي اين اي ميمبرن ڪراچي پريس ڪلب تي حملي جي شديد مذمت ڪئي، سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي ذمي اخباري ادارن جي بقاياجات جي عدم ادائيگي سبب ميڊيا ڪارڪن معاشي طور تي خراب صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، تقريب ۾ سي پي اين اي جو اڳوڻو سڪريٽري جنرل اعجاز الحق، طاهر فارو، عارف بلوچ، عامر محمود، غلام نبي چانڊيو، جاويد مهر شمي، يونس مهر، ڪاشف ميمڻ، عامر خٽڪ سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *