سنڌ جي 7 رڪني نگران ڪابينا عهدي جو قسم کڻي ورتو

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي 7 رڪني نگران ڪابينا پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي. گورنر هائوس ۾ سنڌ ڪابينا جي قسم کڻڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کي قسم کڻايو. چيف سيڪريٽري محمد رضوان ميمڻ تقريب جي سرواڻي ڪئي جڏهن ته سنڌ جو نگران وڏو وزير فضل الرحمان ۽ ٻين اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قسم کڻندڙ نگران وزيرن ۾ خير محمد جوڻيجو، مشتاق علي شاهه، جميل يوسف، ڪرنل رٽائرڊ دوست محمد چانڊيو، ڊاڪٽر سعديه رضوي، سائمن جان ڊينئل ۽ ڊاڪٽر جنيد علي شاهه شامل آهن. عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن وڏي وزير فصل الرحمان سميت قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *