سنڌ جي 18 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، جڏهن ته ووٽنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو ۽ قائم ڪيل 271 پولنگ اسٽيشنن مان 247 پولنگ اسٽيشنون حساس قرار ڏنو ويو آهي، 4 لک کان وڌيڪ ووٽر ووٽ جو حق استعمال ڪندا، صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله جو چوڻ آهي ته مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ لاءِ سڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن.
راڄڌاني ڪراچي ۾ چئن چيئرمين، ٻن وائيس چيئرمين ۽ چئن وارڊ ڪائونسلر جي سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي.
ملير ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي يوسي بختاور جي چيئرمين ۽ ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل جي يوسي شير پائو جي وارڊ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ عمل جاري آهي.
يوسي بختاور تي پ پ جي چيئرمين صابر مگسي ۽ شير پائو وارڊ جي ڪائونسلر شهزاد جي قتل بعد سيٽون خالي ٿيون هيون.
ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي پاران پولنگ اسٽيشنن جا دورا ڪيا ويا.
ڏکڻ ضلعي جي يوسي 13 صدر ڪلفٽن ڪهڪشان ۾ چيئرمين جي سيٽ لاءِ ست اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.
سينٽرل ضلعي جي يوسي پنج گلبرگ ۾ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ ڇهن اميدوارن ۾ دنگل ٿي رهيو آهي ۽ يوسي ست لياقت آباد ۾ چيئرمين جي سيٽ لاءِ 8 اميدوارن ۾ مقابلو جاري آهي.
ڪياماڙي ضلعي جي يوسي 10 بلديا ۾ جنرل وارڊ نمبر 4 جي ننڍي چونڊ لاءِ 5 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن جنهن لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي.
ضلعي اولهه جي يوسي پنج منگهوپير ۾ جنرل وارڊ نمبر چار جي چونڊ لاءِ پنجن اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.
ڪورنگي ضلعي جي يوسي ست ڪورنگي ۾ جنرل وارڊ هڪ تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي.
ڪورنگي ضلعي جي يوسي ست ماڊل ڪالوني ۾ چيئرمين جي چونڊ لاءِ 12 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.
ڪورنگي ضلعي جي يوسي ڇهه لانڍي ۾ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي.
حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي چئن سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ 15 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جتي ووٽنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو.
حيدرآباد جي يوسي 140 ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ٿي رهي آهي.
يوسي 125 ۾ چيئرمين، يوسي 51 ۾ وائيس چيئرمين ۽ يوسي 46 ۾ وارڊ هڪ ۾ جنرل ميمبر لاءِ چونڊ ٿي رهي آهي.
اُميدوارن جي استعيفيٰ ۽ فوتگي سبب سيٽون خالي ٿيون هيون.
سکر جي يوسي بئراج ڪالوني جي وائيس چيئرمين ۽ يوسي سنگرار جي چيئرمين جي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ عمل جاري آهي، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو.
شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ هڪ چيئرمين، هڪ وائيس چيئرمين، هڪ ضلعي ڪائونسل ميمبر ۽ هڪ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ عمل جاري آهي.
مٽياري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر ست تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، پولنگ اسٽيشنن تي سهولتن جي کوٽ سبب ووٽر سخت پريشان آهن.
گهوٽڪي ضلعي جي يوسي ڪمون شهيد جي چيئرمين جي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو.
پ پ اميدوار ذوالفقار چاچڙ، آزاد اميدوار ارباب علي بوهڙ ۽ آزاد اميدوار محمد صديق ڪوش ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.