سنڌ جي گورنر محمد زبير جي مقرري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد(بيورو)  شاهد اورڪزئي پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته محمد زبير گورنر جي عهدي جي شرطن تي پورو نه ٿو لهي. چونڊ واري قانون موجب سندس اهليت جو ڪو به تحريري ثبوت ناهي. ۲۰۱۳ جي عام چونڊن ۾ کيس ڪنهن به اسيمبلي جي ٽڪيٽ نه ڏني هئي. محمد زبير سنڌ، قومي يا صوبائي اسيمبلي جو حاضر ميمبر به ناهي. ان کان علاوا چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ تصديق نه ڪئي ته محمد زبير سنڌ جو رهائشي ۽ رجسٽرڊ ووٽر آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته محمد زبير ۲۰۱۲ ۾ مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيو. موجودا حڪومت کيس نجڪاري ڪميشن جو چيئرمين ڪيو هو. نجڪاري ڪميشن جو چيئرمين گورنر ٿيڻ جي اهل ناهي. انهي ڪري عدالت محمد زبير کي گورنر سنڌ واري عهدي تان هٺائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *