ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي گورنر محمد زبير قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي کي فون ڪئي ۽ سنڌ جي تعليم، صحت، امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ روزگار، تعليم، صحت، بجلي، پيئڻ جو صاف پاڻي ڪجهه به ناهي، وڏين ملڪ کي لٽيو ۽ جتان هو ڪامياب ٿيا انهيءَ سنڌ کي تباهه ڪيو، پيپلز پارٽي نيب جي مخالفت ڪري ڪرپٽ وزيرن کي بچائڻ چاهي ٿي، سنڌ جي حقن جي دعويٰ ڪندڙ ڪپرشڻ جو دفاع نه ڪن. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کي انٽرپول ذريعي پاڪستان آڻي سزائون ڏنيون وڃن، سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف توهان سٺو اسٽينڊ ورتو، وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو. جنهن تي سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته رينجرز امن بهال ڪري سيڙپڪارن ۽ عوام کي تحفظ ڏنو آهي، سنڌ تهذيب ۽ تمدن جي سرزمين آهي ان کي علم ۽ امن جو مرڪز بڻائڻو آهي.