ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي گئس کان محروم ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي.سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گئس بحران تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري وزير امتياز شيخ، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙي، توانائي سيڪريٽري طارق شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ وڏي وزير کي سنڌ ۾ گئس جي بحران تي بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ گئس ڏيندڙ صوبو آهي، ان باوجود صنعتڪارن سان گڏ گهريلو واهپيدار به سخت پريشان آهن.هن چيو ته سنڌ جي عوام کي گئس کان محروم ڪيو پيو وڃي، گئس بحران تي سنڌ جو ڪيس تيار ڪيو وڃي، گئس جي غير منصفاڻي ورڇ جو مسئلو وفاق سان اٿاريندس.سندس چوڻ هو ته سنڌ کي گئس کان محروم ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي، سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گئس سان سڀ کان اڳ صوبي جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن.