سنڌ جي ڪهر جي گرمي، لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف پ پ جا سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ ۾ سخت گرميءَ دوران بجليءَ جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف پيپلز پارٽي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ڌرڻا هنيا آهن، ڌرڻن سبب سکر قومي شاهراهه تي ٽرئفڪ جي اچ ۾ سخت متاثر آهي، لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن يلگ جا ڪارڪن ڳنڍجي پيا، سڄي سنڌ ۾ سخت گرميءَ جي لهر ڪيترن ڏينهن کان جاري اهي، اهڙي ۾ بجليءَ جي ڊگهي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ پيپلز پارٽي ڌرڻا هنيا آهن، حيدرآباد ۾ حيسڪو چيف جي آفيس آڏو پيپلز پارٽي جي ڌرڻي ۾ سينئر اڳواڻ مولا بخش چانڊيو به شرڪت ڪئي، ڌرڻي ۾ وفاق خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جتي ن ليگ ڪارڪن به پهچي ويا، ڌرڻي ۾ ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن هڪ ٻئي خلاف نعريبازي ڪئي، صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس جي نفري به موقعي واري هنڌ موجود هئي، سکر-روهڙي قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻي سبب ڪراچي ۽ لاهور وچ ۾ ٽرئفڪ جي اچ وچ متاثر رهي، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ به بجليءَ جي بندش خلاف احتجاج ڪيو ويو، بدين، ٿرپارڪر، خيرپور، ٽنڊو الهيار ۽ گهوٽڪي ۾ به پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ڌرڻا هنيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *