ڪراچي (پ ر)قومي عوامي تحريڪ سربراھه اياز لطيف پليجو زيبل يونيورسٽي ڪراچي پھتو ته سوين شاگردن سندس شاندار استقبال ڪيو. لطيف ڪانفرنس ۾ مھمان خاص ھو. ان موقعي تي لطيف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته فڪر لطيف ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏي ٿو، اسان کي شاھه لطيف، جي پيغام تي عمل ڪرڻو پوندو. سنڌ جي وڏي طاقت رواداري ۽ سھپ آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته وسيلن ۽ سنڌو درياھه جي سوديبازي جي شرط تي پ پ کي چوٿون ڀيرو اقتدار ڏنو ويو آھي، سنڌو درياھه سنڌ جو ساھه آھي. جيڪو ڪم آمر حڪومتون نه ڪري سگھيون اھوڪم پ پ اقتدار لاءِ ڪري رھي آھي. شاگرد مايوسي واري خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچن. استادن ۽ ڊاڪٽرن کي جديد تحقيق ڏانهن هم آهنگ ٿيڻو پوندو. اقليتن جي تحفظ، رواداري ۽ برابري سان پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻو پوندو. شاگرد سنڌ ۾ ڏوهن ۽ جهالت جو رستو روڪين.